حسين بن دلدار علي علامه

حسين بن دلدار علي، علامه: برصغير جو نامور ديني عالم ۽ مجتهد علامه سيد حسين بن دلدار علي، 14 ربيع الآخر 1211هه/ 17 آڪٽوبر 1796ع تي هندستان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد علامه سيد دلدار علي ۽ وڏن ڀائرن مير محمد ۽ سيد محمد مهديءَ کان حاصل ڪيائين. علامه سيد حسين، هند ۽ سنڌ ۾ اعليٰ پايي جي عالم طور مشهور ٿيو. سندس ڪتاب مدرسن ۾ لازمي مضمون طور پڙهايا وڃن ٿا. هن سترهن سالن جي عمر ۾ ٻه ڪتاب ’رساله تجزي في الاجتهاد‘ ۽ ’رساله حڪم ظن در رکعتين اولين‘ لکيا، جن کي ڏسڻ بعد سندس پيءُ کيس اجتهاد جي اجازت ڏني.
علامه سيد حسين، تعليم ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۽ اخلاق ۽ ذهانت سبب ڪافي مشهور هو. والد جي وفات کان پوءِ ماڻهو ڏانهنس رجوع ٿيا. اوڌ، لکنوءَ، رامپور ۽ سنڌ جي ٽالپرن جي ساڻس گهڻي عقيدت هئي. اوڌ جي بادشاهه کيس خطاب ۽ هڪ مُهر ڏني هئي، جنهن تي هيءَ عبارت اُڪريل هئي:
”حاوي علوم دين، حامي سادات ومومنين، حافظ احڪام الله، مجتهدالعصر سيد العلماءَ“.
اوڌ جي بادشاهه، واجد علي شاهه سيد حسين جي مشوري تي هڪ عاليشان ديني مدرسو تعمير ڪرايو. ننڍي کنڊ جا اڪثر جيَد عالم سيد حسين جو احترام ڪندا هئا. سيد حسين 17 رمضان 1273هه مطابق 11 مئي 1857ع تي وفات ڪئي. کيس ٽي پٽ هئا، جن مان علامه سيد محمد تقي وڏي شهرت ۽ عظمت حاصل ڪئي. حسين بن دلدار جون پنجاهه تصنيفون مشهور آهن، جن مان 20 ڪتاب ديني مدرسن ۾ لازمي مضمون طور پڙهايا وڃن ٿا. سندن سموريون تصنيفون عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. علامه صاحب جو هڪ ناياب فارسي ڪتاب ’حديقة سلطانيه‘ به گهڻو مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1796.10.17  عيسوي

برصغير جو نامور ديني عالم ۽ مجتهد علامه سيد حسين بن دلدار علي، 14 ربيع الآخر 1211هه/ 17 آڪٽوبر 1796ع تي هندستان ۾ پيدا ٿيو.


1857.05.11  عيسوي

سيد حسين 17 رمضان 1273هه مطابق 11 مئي 1857ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صاحبداد جمالي مفتي
خليفو محمد يعقوب همايوني
حسن شاهه جيلاني
طحاوي رحه امام
عبدالله بن وهب علامه
زخائو ايڊورڊ
ايل وي پرانچبي
عبدالرحمان جمالي مولانا
عبدالڪريم ڪورائي مولانا
حافظ محمد يوسف ٽکڙائي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون